اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي سياسي معاملن بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان وفدن جي سطح تي مُلاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين واپار، توانائي، سلامتي، صحت، موسمياتي تبديلي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت موجوده ڳالهين واري مڪينزم تي اڳڀرائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ??سي?? پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان پاران آمريڪا سان لاڳاپن کي ڏني ويندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي مڪينزم خاص طور تي ??قت??ادي ۽ دفاعي شعبن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ هڪ ??سي?? البنياد ۽ بامعنيٰ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. انڊر سيڪريٽري جان باس گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه موقعو ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمريڪ?? معيشت کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان سان حصيداري جو خواهشمند آهي. هن ٻوڏ ۽ دهشتگرد حملن جهڙن تازن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ??اڪستان پاران کنيل قدمن کي ساراهيو. انڊر سيڪريٽري جان باس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي.