اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ اي?? او) سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت بليو اڪانومي کي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي جي مرڪزي ٿنڀ طور ترجيح ڏئي رهي آهي، اسان جي ڪوششن ۽ عالمي حصيدارن جي تعاون سان دنيا جي سامونڊي نقشي تي پاڪستان جي اهميت وڌيڪ وڌندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ اي?? او) جي سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊومنگيوز ويلاسڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم سيڪريٽري جنرل ويلاسڪو جي آجيان ڪئي ۽ آءِ اي?? او سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ماهيگيري ۽ سامونڊي واپار کي سگهه ڏيڻ، سامونڊي وسيلن جي ڳولا، سامونڊي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ شپ بريڪنگ انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش کي اجاگر ڪيو. و??ير??عظم چيو ته سندس حڪومت بليو اڪانومي کي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي جي مرڪزي ٿنڀ جي طور تي ترجيح ڏئي رهي آهي. هن سي??پڪ??ري کي راغب ڪرڻ ۽ ماهيگيري ۽ شپ بريڪنگ جي شعبي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجيز متعارف ڪرائڻ ۾ خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ اي?? سي) جي ڪردار تي روشني وڌي. و??ير??عظم اميد ظاهر ڪئي ته انهن ڪوشسن جي ذريعي ۽ آءِ اي?? او ۽ عالمي حصيدارين جي تعاون سان دنيا جي سامونڊي نقشي تي پاڪستان جي اهميت وڌيڪ وڌندي. و??ير??عظم شهباز شريف سامونڊي ا??را?? کي گهٽ ڪرڻ جي عالمي ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ عالمي حصيدارن ۽ آءِ اي?? او سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جي تجديد ڪئي. آءِ اي?? او جي سيڪريٽري جنرل و??ير??عظم جي قيادت ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پنهنجي سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ عالمي ميري ٽائيم ڪميونٽي ۾ ان جي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي فعال ڪردار کي ساراهيو. هن عالمي سامونڊي برادري ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جو اعتراف ڪيو ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آءِ اي?? او پاران حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو.