ڪوئيٽا-04 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون آيا آهن. ڪانگو سبب متاثر مر??ضن جو ا??گ 26 ٿي ويو آهي. فاطمه جن??ح انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊيزيز جي انتظاميه مطابق ڪوئيٽا جي علائقي خروٽ آباد جي رهواسي 55 ورهين جو عبدالمجيد ۽ لو??الائي جو رهواسي 60 ورهين جي خان محمد کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جن جي ٽيسٽ جا نمونا ليبارٽري موڪليا ويا، جنهن جا نتيجا پازيٽو آيا آهن. بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس سبب متاثر مر??ضن جو ا??گ 26 ٿي ويو آهي جڏهن ته 5 ڄڻا ڪانگو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.