اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي، معاشي ماهرن پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻ?? واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کا?? گهٽ نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڳڻپ واري اداري پاران جاري رپورٽ ۾ آگسٽ 2024ع دوران مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ جي اعلان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومتي معاشي ٽيم جي محنت نظر اچي رهي آهي، آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ مهانگائي جي گهٽ ??رين شرح جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم جي محنت ڏانهن وڃي ٿو، ناڻ?? واڌ ۾ گهٽتائي ناڻ?? واري وزارت جي اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ جي اڳڪٿي جي عين موجب آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته آگسٽ 2024ع ۾ ناڻ?? واڌ جي شرح 9.5 کا?? 10.5 سيڪڙو جي وچ ۾ ر??ندي. هن چيو ته معاشي ماهرن پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻ?? واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کا?? گهٽ نه آهي، 2018ع ۾ به ناڻ?? واڌ جي شرح کي سنگل ڊيجٽ تي ڇڏي ويا هئاسين، 2018ع کا??پوءِ چار سالن ۾ ڏوهاري غفلت ۽ عوام دشمن پاليسين جي ڪري معيشت بدحالي جو شڪار رهي، مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو ۽ عوام جي لاءِ پريشاني جي دور جي شروعات ٿي. هن چيو ته اسان پنهنجي سياست جي قرباني ڏئي ملڪي معيشت کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کا?? بچايو، معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان نه رڳو معيشت مستحڪم ٿي پر ترقي طرف گامزن آهي، خادم پاڪستان جون ذميواريون سنڀالڻ کا??پوءِ عوام سان وچن ڪيو هو ته انهن جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ تا??ين سک سان نه ويهندس. هن چيو ته الله تعاليٰ جو وڏو ڪرم آهي جو پنهنجا واعدا پُورا ڪرڻ طرف گامزن آهيون، حڪومتي معاشي سڌارن جا مثبت نتيجا عوام جي خوشحالي جي صورت ۾ عوام تا??ين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، عام ماڻهو جي زندگي کي آسان ۽ ان جي معاشي خوشحالي کا??سواءِ پاڪستان جي ترقي جو هدف حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي.