اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، جنهن کي نيشنل پو??يس فائونڊيشن ۽ ترڪيه جي نجي ڪمپني جي سهڪار سان تعمير ڪئي ويندي، هن اسپتال جي تڪميل سان پو??يس جي جوانن، انهن جي ڪٽنبن ۽ عام شهرين کي صحت جون جديد سهولتون ملنديون. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته انٽرنيشنل اسپتال جو هي منصوبو نيشنل پو??يس فائونڊيشن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن نيشنل پو??يس فائونڊيشن جي نون منصوبن جي واکاڻ ڪندي چيو ته صابر احمد جي آمد نيشنل پو??يس فائونڊيشن کي ٻيهر متحرڪ بڻائي ڇڏيو آهي، ان جي سموري آمدني شهيدن ۽ پو??يس جي ويلفيئر تي لڳائي پئي وڃي. گهرو وزير چيو ته شهيد ۽ پو??يس جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هي اسپتال ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، نيشنل پو??يس فائونڊيشن ۽ سي ڊي اي جي گڏيل سهڪار سان نئين منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي منصوبو صرف اسلام آباد تائين محدود نه هوندو پر صوبن ۾ به شهيدن ۽ پو??يس جي جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته نيشنل پو??يس فائونڊيشن ويجهڙ ۾ حيدرآباد ۾ شهيدن ۽ جوانن لاءِ هڪ منصوبو مڪمل ڪيو آهي. ان اسپتال جي تعمير لاءِ نيشنل پو??يس فائونڊيشن زمين فراهم ڪئي آهي جڏهن ته اسپتال جي تعمير مڪمل طور ترڪيه جي هڪ ڪمپني ڪري رهي آهي جنهن جي لاڳت 5 ارب روپيا آهي. گهرو وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعلان ڪيو ته نيشنل پو??يس اڪيڊمي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن پو??يس جي جوانن کي وڌيڪ بهتر تربيت فراهم ڪري سگهجي.