اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ”فچ“ پاران پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ت?? رياست جي خاط?? سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي مل?? رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح م??اشي پاليسي جو اعتراف آهي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ مالياتي ٽيم جي محنت ۽ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراع??م چيو ت?? رياست جي خاط?? سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي مل?? رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح م??اشي پاليسي جو عالمي اعتراف آهي. وزيراع??م چيو ته معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم ڪر?? رهيا آهيون، ان جا ثمر عوام تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين، فچ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جون رپورٽون پاڪستان جي معاشي بهتري جي حوالي سان اهم آهن. وزيراع??م چيو ته پاڪستان جي معاشي بهتري جي رستي تي وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان اڳتي وڌنداسين، اميد آهي آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام سان پاڪستان جي معاشي بهتري ۽ سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وزيراع??م چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان پڻ معاشي بهتري جي هڪ ٻي جهلڪ آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي، ڪاروباري سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.