اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) خيبرپختون??وا??ه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان قومي خابرو ايج??سي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ملاقات ڪئي. ايم ڊي اي پي پي خيبرپختون??وا??ه جي گورنر کي اي پي پي جي ??يٽ ورڪ، نيوز سروسز ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اي پي پي اردو، انگريزي، سنڌي، بلوچي، پشتو، عربي ۽ چائنيز سميت ڪيترين ئي زبانن ۾ خبرون ۽ فيچرز قومي، علائقائي ۽ عالمي اخبارن کي فراهم ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ وڊيوز ۽ ڊيجيٽل سروس جي ذريعي خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي خيبرپختون??وا??ه جي گورنر جو چوڻ هو ته اي پي پي رياستي ميڊيا جو هڪ اهم حصو آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۽ نظريه پاڪستان جي بيانيي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختون??وا??ه ۾ اي پي پي جي ??يٽ ورڪ کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو جنهن تي ايم ڊي اي پي پي خاطري ڪرائي ته خيبرپختون??وا??ه ۾ اي پي پي جي ??يٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا.