تهران – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي دوري دوران مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابرا??يم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي تق??يب ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سميت عالمي اڳواڻن سان مل??قا??ون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابرا??يم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير سميت هيليڪاپٽر حادثي جي شهيدن جي تعزيت لاءِ ايران جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ويو. ان موقعي تي وزيراعظم جي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان مل??قا?? ٿي. مل??قا?? ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سان آذربائيجان جي وزيراعظم علي اسدوو پڻ مل??قا?? ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪ??ڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم باڪو ۾ ٿيندڙ 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي وچ ۾ مل??قا?? پڻ ٿي. مل??قا?? ۾ پاڪ قطر ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان جدا جدا مل??قا??ون پڻ ڪيون. مل??قا??ن ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر جي مقرر ڪيل انتظامي اسيمبلي ”مجمع تشخيص مصلحت نظام“ جي ميمبر احمد?? نزاد سان پڻ مل??قا?? ڪئي.