تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي س??ن ملاقات ڪري صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوالي س??ن مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ويزن کي جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي س??ن ملاقات ڪئي. سپريم ليڊر سان ملاقات دوران وزيراعظم صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر رئيسي هڪ ويزنري اڳواڻ هو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪ – ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوالي س??ن مرحوم ايراني صدر جي ويزن کي جاري رکنداسين. وزيراعظم تاريخ جي هن نازڪ موڙ تي پنهنجي ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڀ??ئر ملڪ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي مح??ور عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ?? لکيون وينديون. ايراني سپريم ليڊر جو چوڻ هو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ڪيل جذبن جي اظهار کي مح??وس ڪريون ٿا ۽ ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته اسان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا ۽ اسان پاڪ – ايران لاڳاپن جي حوالي س??ن مرحوم ايراني صدر رئيسي جي ويزن کي اڳتي وڌائينداسين. وزيراعظم ايراني سپريم ليڊر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد مح??ن نقوي، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ هئا.