اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حا??ل ڪرڻ جي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل سان ٻڌل آهي. هن اها ڳالهه ورلڊ ڪشمير اويئرنيس فورم جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر غلام نبي فائي جي قيادت ۾ سمنڊ پار ڪشميري ڪارڪنن جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي ??زي??اعظم ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خراب حالت بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪشميري ڪارڪنن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اسان هر موقعي تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حمايت ۾ آواز اٿاريو. هن چيو ته مون پنهنجي 2022ع جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ ٻين فورمز جي اجلاسن جي موقعي تي خطابن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، ان ??ان??واءِ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ پڻ ڪشمير ڪاز کي ڀرپور اجاگر ڪيو. ??زي??اعظم ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ??زي??اعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل سان ٻڌل آهي. وفد ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي ??زي??اعظم جا ٿورا مڃيا. هن ??زي??اعظم سان خطي جي تازه ترين اڳڀرائي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ??ان??واءِ ??زي??اعظم کي دنيا جي مختلف حصن ۾ ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو.