اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف عالمي سهڪار، ترقي ۽ ترقي لاءِ توانائي جي حوالي سان عالمي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي ٻن ڏينهن واري خاص اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن ڇنڇر تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض پهچي ويو. و??ير??عظم کي عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت سعودي عرب جي ولي عهد ۽ و??ير??عظم محمد بن سلمان آل سعود ۽ عالمي اقتصادي فورم جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين پروفيسر ڪلائوس شواب طرفان ڏني وئي آهي. و??ير??عظم آفيس ميڊيا ونگ مان گذريل ڏينهن جاري هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته و??ير??عظم سان وفد ۾ ڪابينه جا اهم ميمبر پڻ شامل هوندا. ان م??قعي تي عالمي اڳواڻن سان گڏ ملاقاتن دوران و??ير??عظم صحت، مالياتي ٽيڪنالوجيز، انفارميشن ٽيڪنالاجي، جامع ترقي، علائقائي سهڪار ۽ عالمي ترقي لاءِ توانائي جي متوازن ۽ جٽادار استعمال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف دنيا آڏو رکندو. عالمي اقتصادي فورم جي ان خاص اجلاس جي موقعي تي سندس عالمي اڳواڻن، عالمي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻه طرفين م??اقاتن جا به امڪان آهن. عالمي اقتصادي فومر طرفان جاري هڪ پريس پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته ڪاروباري شعبي، حڪومت ۽ تعليمي ادرن سان واڳيل اٽڪل هڪ هزار اڳواڻ عالمي سهڪار، اوسر ۽ ترقي بابت توانائي تي خاص اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. 28 کان 29 اپريل تائين م??عقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ تيزي سان بگڙجندڙ جاگرافيائي، سياسي ۽ اقتصادي ماحول کي درپيش چئلينجن جي وچ ۾ عالمي سطح تي ترقي جي بحالي لاءِ نون رستن تي ڌيان ڏنو ويندو. واضح رهي ته گذريل سال جنيوا، سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيل افتتاحي گروٿ سمٽ جي بنياد تي هي اجلاس 28-29 اپريل تي رياض، سعودي عرب ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ٽن م??صعن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. جن ۾ عالمي سهڪار جي بحالي، جامع ترقي لاءِ هڪ جامع ۽ ترقي لاءِ توانائي تي عمل کي متحرڪ ڪرڻ شامل هوندو. فورم کان اتر ۽ ڏکڻ جي ورهاست کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي جيڪو اڀرندڙ اقتصادي پاليسين، توانائي جي منتقلي ۽ جاگرافيائي سياسي مسئلن سبب وڌيڪ وسعت اختيار ڪري چڪو اهي. اجلاس جي پروگرام ۾ ڪيترائي عالمي مسئلا به شامل هوندا. ٻن ڏينهن واري خاص اجلاس جي موضوعن ۾ جاگرافيائي سياسي هلچل، خاص طور تي يوڪرين ۽ غزه جا تڪرار شامل آهن. عالمي سطح تي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ اقتصادي ترقي ۽ ملازمتن جي تخليق جي نون قسمن جي وضاحت ۽ ڊيزائن، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ترقي، سپلاءِ چينز جي نئين سر تنظيم ۽ هڪ منصفاڻو ۽ جٽادار توانائي جي منتقلي کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت آهي.