ايبٽ آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايبٽ آباد ۾ شهيد ڪسٽمز انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ شهيد جي والد ۽ ٻ??رن سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر سردار محمد يوسف، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي، ايف بي آر چيئرمي?? ملڪ امجد زبير ٽوانه پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم شهيد جي ڌيءَ ۽ پٽ کي پيار ڪيو ۽ انهن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي والد کي گلي لڳائي حوصلو ۽ دلاسو ڏنو ۽ شهيد پئڪيج تحت شهيد جي بيواهه ۽ ٻ??رن جي لاءِ امدادي چيڪ کيس پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اها امدادي رقم توهان جي شهيد پٽ جي عظيم قرباني جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي پر شهيد جي بيواهه ۽ ٻ??رن جي لاءِ حڪومت جيڪو ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، ڪندي، انهن جي تعليم ۽ علاج جا خرچ پڻ حڪومت بر??اشت ??ندي.