اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏيندي پاڪستان ۽ گڏيل عر?? اما??ات جي وچ ۾ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ گڏيل عر?? اما??ات (يو اي اي) جي صدر شيخ مح??د بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم گڏيل عر?? اما??ات جي حڪومت ۽ عوام جي ان بلند حوصلي، مضبوط عزم ۽ بي مثال ڪارڪردگي کي ساراهيو جنهن سان هن تازين برساتن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪيو. هن گڏيل عر?? اما??ات جي صدر کي ساراهيو جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي شاندار قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ اماراتي عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ به ڪجهه ڏينهن ۾ وڏيون برساتون پيُون آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو ۽ تجويز ڏني ته ٻئي ملڪ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪن. گڏيل عر?? اما??ات جي صدر وزيراعظم جي نيڪ خواهشن کي ساراهيندي پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.