اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي م??ار??باد پيش ڪئي. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ تاجڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي م??ڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صدر پاڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تاجڪستان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر آصف ??لي زرداري رمضان الم??ار?? جو برڪتن وارو مهينو شروع ٿيڻ تي تاجڪ صدر کي م??ار??باد ڏني. هن تاجڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ م??ار??باد ڏني. ان موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان صدر آصف ??لي زرداري کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر م??ار??باد جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي پنهنجي تاجڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.