اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي تڪ اين اي 46 اسلام آباد – I جي پولنگ ??سٽيشن اسلام آباد ماڊل اسڪول ڊوره ۾ سڀ کان پ??رين ووٽ ڪاسٽ ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير صبح 8 وڳي کان اڳ پولنگ ??سٽيشن پ??تو ۽ سڀ کان پ??رين پ??هنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ووٽ هڪ قومي فرض آهي، جنهن کي هر ذميوار شهري کي ادا ڪرڻو آهي. آزاداڻيون ۽ شفاف چونڊون ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائينديون آهن. هن چيو ته پنهنجي ۽ پنهنجي نسل جي روشن مستقبل جي لاءِ عوام ووٽ ضرور وجهي. هن ان اميد جو اظ??ار ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ وو??نگ جو عمل پرامن ۽ منظم طريقي سان مڪمل ٿيندو. واضح رهي ته تڪ اين اي 46 اسلام آباد – I ۾ مجموعي طور تي 44 اميدوار هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ آهن. ان تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 3 لک 50 هز??ر 581 آهي، عورت ووٽرن جو انگ هڪ لک 66 هز??ر 656 جڏهن ته مرد ووٽرن جو انگ هڪ لک 83 هز??ر 925 آهي. تڪ اين اي 46 اسلام آباد ۾ مجموعي طور تي 342 پولنگ ??سٽيشنز جڏهن ته 1033 پولنگ ??وٿ قائم ڪيا ويا آهن.