اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران ح??وم?? جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت پاڪستان ۾ کربين ڊا??ر جي معدنيات جو شعبو ترقي جون نيون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، لوڻ جي برآمد ۾ اضافي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي ڪمپني ميريڪل سالٽ ڪليڪٽو ان ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نه?? چيئرمين ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي صدر احمد نديم خان جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته گذريل ڏينهن پي ايم ڊي سي ۽ ميريڪل سالٽ جي وچ ۾ صحيحون ٿيندڙ جوائنٽ وينچر کانپوءِ پاڪستان جي لوڻ جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو آمريڪا پاڪستان جي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. نگران وزيراعظم چيو ته هي منصوبو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ترين موقعا موجود آهن، هماليائي گلابي لوڻ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، ان جي عالمي منڊين ۾ برآمدات خوش آئنده ڳالهه هوندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ کربين ڊا??ر جي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت پاڪستان ۾ ان شعبي جي ترقي جون نيون منزلون طئي ڪيون پيون وڃن. نگران ح??وم?? جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا ??نه?? جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. ميريڪل سالٽ جي وفد ح??وم?? خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جا ڪمپني سان تعاون تي ٿورا مڃيا. وفد نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني جي پاڪستان ۾ جوڙجڪ کانپوءِ ان کي سڄي دنيا جي وڏين اسٽاڪ ايڪسچينجز تي آندو ويندو ??نه?? سان ح??وم?? ۽ مقامي سيڙپڪارن کي به فائدو ٿيندو. وفد نگران وزيراعظم کي لوڻ جي کاڻين وارن علائقن ۾ مقامي آبادي جي معاشي بهتري، تعليم ۽ صحت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي بابت پڻ آگاهه ڪيو.