اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٽن ايڊيشنل ججن جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس فضل سبحان، جسٽس شاهد خان ۽ جسٽس ڊاڪٽر ??ور??يد اقبال جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع ڪري ڇڏي. مدي ۾ توسيع 18 جنوري 2024ع کان لاڳو جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان پاران مقرري تا??ين هوندي. صدر مدي ۾ توسيع آئ??ن جي آرٽيڪل 197 تحت ڪئي آهي.