ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نو??رالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ غيرملڪين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي ??هي، ايس آءِ ايف سي جو غيرملڪي سيڙپڪارن جي اعتمادسازي ۾ اهم ڪردار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين اجلاس جي موقعي تي پاٿ فائنڊرز بريڪ فاسٽ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي سوال جو جواب ڏيندي ڪيو. ان حوالي سان وزيراعظم آفيس پاران سوشل ميڊيا ايڪس ??ي ان تقريب جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي. وڊيو ۾ نگران وزيراعظم ??نو??رالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته ايس آءِ ايف سي ٻين ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهي ??هي، پاڪ فوج سميت حڪومت جا سمورا ادارا ان جو حص?? آهن، پاڪ فوج غيرملڪي سيڙپڪارن جي تحفظ سميت ٻين معاملن ۾معاونت فراهم ڪري رهي ??هي، ايس آءِ ايف سي جو غيرملڪي سيڙپڪارن ??ي اعتمادسازي ۾ اهم ڪردار آهي.