اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ وارو عظيم منصوبو هاڻي ترقي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪ?? آهي. چيني ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ چيو وي?? آهي ته سي پيڪ جي تعمير ۾ پاڪستاني پورهيتن ۾ بدستور واڌ ٿي رهي آهي، انهن پورهيتن ۾ توانائي بابت ماهر خرم ??او??د به شامل آهي، هو پاڪستان ۾ پاور ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن آف چائينا جي هڪ ذيلي برانچ ۾ تيل ۽ گيس جي منصوبن جي حوالي سان جوڙي ويندڙ ٽيم ??و سربراهه آهي، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي ذخيرن جي تلاش ڪرڻ جي حوالي سان فزيبلٽي اسٽڊي ڪرڻ آهي. خرم ??او??د چيو ته سي پيڪ جتي چين ۽ پاڪستان جي ٽيڪنالاجي ۽ وسيلن کي مربوط ڪري رهي?? آهي، اتي ان منصوبي ۾ ٻين ملڪن لاءِ شموليت ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا به موجود آهن. ان منصوبي جو مستقبل اميدن ۽ امڪانن سان ڀريل آهي جنهن سان چين ۽ پاڪستان وچ ۾ وسيع شعبن ۾ گهرن لاڳاپن ۽ گڏيل خوشحاليءَ جو رستو هموار ڪرڻ آهي.