اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ت?? اسان ٻارن جي لاءِ ٺوس ترقي، تعلي??، صحت جي سارسنڀال، شرڪت، وقار ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرع??م آهيون. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻار ڪنهن به قوم جو سڀ ??ان قيمتي اثاثو ۽ ان جي مستقبل جي خوشحالي جي واحد ضمانت هوندا آهن. هن چيو ته ٻارن جي عالمي ڏينهن تي اسان پنهنجي سمورن ٻارن جي لاءِ ٺوس ترقي، تعلي??، صحت جي سارسنڀال، شرڪت، وقار ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرع??م آهيون جيئن ته ??ڏيل قومن جي ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن ۾ تصور ڏنو ويو آهي.