بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سي پيڪ کي پاڪ چين دوستي جي لاءِ سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل 10 ??ال?? ۾ سي پيڪ جا ثمر معاشي ترقي جي ??ورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن، سي پيڪ سان پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ خطي ۾ مواصلاتي رابطن کي فروغ ملندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار چائنا ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سڊڪا) جي چيئرمين لئو زائو هوئي سان ملاقات دوران ڪيو. نگران وزيراعظم سي پيڪ جي ??صيداري ۽ رابطا وڌائڻ جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته ان جا ثمر گذريل 10 ??ال?? ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي ??ورت ۾ حاصل ٿيا. نگران وزيراعظم چيو ته سي پيڪ پاڪ چين دوستي جي ??اريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي ??يثيت رکي ٿو، ??نه?? سان نه رڳو پاڪستان ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي ٿيندي پر خطي ۾ مواصلاتي رابطن ۽ مجموعي ترقي کي فروغ ملندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ لئو زائو هوئي چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سي پيڪ تحت زراعت، صحت، تعليم، پيشيواراڻي تربيت، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ غربت جي ??اتمي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. لئو زائو هوئي چين جي گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم جي ??جويز جي ??جيان ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ سڊڪا جي وچ ۾ حصيداري خاص طور تي ان تحت پاڪستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي ساراهيو. سڊڪا جي چيئرمين لئو زائو هوئي نگران وزيراعظم کي پنهنجي ??داري پاران سي پيڪ جي ڊگهي مدي وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد جاري رکڻ جي ??اطري ڪ??ائي.