بيجنگ – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پاڪستان س??يت اسرندڙ ملڪن کي ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪيا، اهو منصوبو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي. اها ڳالهه هن چين جي دوري تان وطن واپسي جي موقعي تي چائنا ميڊيا گروپ جي اردو سروس سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ??ار?? نگران وفاقي وزير بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جي 10 هين سالگرهه تي چين جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. بي آر آئي جي فليگ شپ منص??بي سي پيڪ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اهو منصوبو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي، سي پيڪ پاڪستان جي توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات جي شعبن ۾ نمايان س??ڙپڪاري فراهم ڪئي آهي جنهن سان ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا. هن ان يقين جو اظها?? ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان س?? پيڪ جي هڪ نئ??ن دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ايم ايل ون جهڙا نوان منصوبا جاري آهن. هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي ريل سروس ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو ۽ روزگار ۽ ترقي جا نوان موقعا متعارف ڪرائيندو. نگران وفاقي وزير ان يقين جو اظها?? ڪيو ته آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي اعليٰ قيادت جو چين جو ايندڙ دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ هڪ نئ??ن دور جي شروعات ڪندو. هن چيو ته بدلجندڙ عالمي سياسي منظرنامي جي باوجود پاڪ چين لاڳاپا هر گذرندڙ وقت سان گڏ بهتر ٿي رهيا آهن.