اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)مشهور فنڪار، فلم پروڊيوسر ۽ هدايتڪار جمال شاهه نگران ??ڪو??ت ۾ وفاقي وزير طور حلف کڻڻ ک??نپ??ءِ قو??ي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي. قو??ي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ذميواريون سنڀالڻ ک??نپ??ءِ وزارت جي سيڪريٽري فارينه مظهر ۽ قو??ي ورثي ۽ ثقافت وا??ي ڊويزن جي ٻين آفيسرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي سيڪريٽري وفاقي وزير جمال شاهه کي تعارفي بريفنگ ڏني ۽ کيس هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي ڪم جي باري ۾ آگاهه ڪيو. آفيسرن کي خطاب ۾ وفاقي وزير چيو ته هو ملڪ ۾ ثقافت ۽ فنڪار برادري جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندو. جمال شاهه چيو ته هن ان عهدي کي هڪ چئلينج طور قبول ڪيو آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ شوق سان نڀائيندو.