اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي عورت جبل چاڙهو نائله ڪياني کي جبل چاڙهو جي ميدان ۾ نئين تاريخ قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قوم کي نائله ڪياني تي فخر آهي جنهن پاڪستان ۾ موجود سمورن 5 ايٽ ٿائوزنڊرز (8 هزار ميٽر کان بلند چوٽيون) سر ڪري ورتيون آهن، هوءَ اهو ڪارنامو سر??نج??م ڏيندڙ پهرين پاڪستاني عورت آهي. صدر نائله ڪياني کي ??ند?? ڪاميابي تي شاباس ڏني ۽ ان جي م??تق??ل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.