اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فرانس جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران فرانس جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ??ني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فرانسيسي جمهوريه جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي نالي پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ف??انس جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل ??وقف ۽ ڊگهي فورمز تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته فيبروري ۾ صحيحون ڪيل ??طرفي تعاون جي روڊ ميپ سان واپار، عوامي رابطن، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ توانائي جهڙن شعبن ۾ ڊگهي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر يقين ظاهر ڪي?? ته صدر ميڪرون جي متحرڪ قيادت ۾اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل ??ائدي جي لاءِ اعليٰ سطحي تي کڻي وينداسين. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ فرانس جي صدر لاءِ سٺي صحت، فرانس جي عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??.