اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کي نفرت، امتيازي سلوڪ، عدم برداشت جي روين جي خلاف متحد ٿيڻ ۽ گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو آهي. قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي سميت مذهبي نفرت پکيڙيندڙ واقعن تي انساني حقن واري ڪائونسل پاران منعقد هڪ هنگامي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي ??ان قرآن پاڪ جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي جا واقعا جاري آهن. هن چيو ته اهي ڪارروايون وڌ کان وڌ نفرت پکيڙڻ جي لاءِ انجام ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ا??ان کي نفرت، امتيازي سلوڪ ۽ تشدد کي ڀڙڪائن جي ڪوششن تي نظر رکڻ گهرجي. ا??ان کي گڏجي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي، ا??ان کي نفرت پکيڙيندڙن کي جدا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽي مهينا اڳ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو پهريون عالمي ڏينهن ملهايو ويو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ان موقعي تي پهريون اجلاس منعقد ڪيو ويو هو. هن چيو ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي عوامي ۽ سوچيل سمجهيل عمل ??ان مسلمانن کي پهچندڙ گهري ڏک کي سمجهڻ ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري قران پاڪ جي بي حرمتي کي مسلمانن جي عقيدي تي حملو ق??ار ڏيندي يچو ته روڪٿام ۽ احتساب جي لاءِ هن ڪائونسل آڏو پيش ڪيل مسودي جي متن ۾ مطالبو معقول ۽ ضروري هو. هن چيو ته نفرت انگيز تقرير ۽ آزاداڻي تقرير کي جدا جدا ڪرڻ گهرجي ڇو ته اظهار جي آزادي ايتري ئي لازمي آهي جيتري نفرت انگيز تقرير ??اق??بل دفاع آهي. هن چيو ته دنيا ۾ هڪ به مسلمان ملڪ اهڙو نه آهي جيڪو ٻين مذهبن جي مقدسات جي بي حرمتي جي اجازت ڏيندو هجي، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جو عمل ڪنهن به مسلمان جي لاءِ ??اق??بل تصور آهي.