اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) ??وئ?? ڪنفيڊريشن جو پرڏيهي وزير فيڊرل ڪائونسلر اگنازيو ڪيسس 7 کان 9 جولاءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، وفد ۾ ??وئ?? پارليامينٽ جا ٽي ميمبر ۽ سينيئر عملدار شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اگنازيو ڪيسس کي هن سال 9 جنوري تي ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي جنيوا ۾ ملاقات دوران پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏن?? هئي. اسلام آباد ۾ قيام دوران هو وزيراعظم ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان سان ملاقات ڪندو. هو اسلام آباد ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو دورو ڪندو جتي ڌريون ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ ٻطرفي تعا??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.