اسلام آباد -10 جون (اي پي پي)ناڻي ۽ محص??لن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو ڦرندو ته ترقي ٿيندي، اتحادي حڪومت پهريون ڀيرو سالياني ترقياتي پروگرام کي 1150 ارب رپين تائين وڌايو آهي. ان ۾ 491 ارب رپيا بنيادي ڍانچي ل??ءِ رکيا ويا آهن. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سماجي بهبود، تعليم، ايس ڊي جيز، پاڻي، فزيڪل پلاننگ سميت اهم شعبن ل??ءِ فنڊ رکيا ويا آهن. اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي منص??بن ل??ءِ 61 ارب رپيا رکيا ويا اهن. زرعي طور پاڻڀرو ٿيڻ ل??ءِ 45 ارب رپين جا منصوبا شامل آهن. اهڙي ريت آءِ ٽي ۽ سائنس ل??ءِ به رقم رکي وئي آهي. ص??بن جي ترقيا??ي بجيٽ 1509 ارب رپين جي ويجهو هوندي. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن پي ايس ڊي پي تي عمل ٿيو ته صوبا به ان تي حقيق?? بنيادن تي عمل ڪندا ته 3.5 سيڪڙو اوسر واري شرح جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين.