اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 23-2022ع مطابق جاري مال?? سال دوران اقتصادي ترقيءَ جي اؤسر واري شرح 0.29 سيڪڙو رهي جڏهن ته معيشت جي ڳاڻيٽي ۾ 27.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق جاري مال?? سال ۾ زرعي شعبي جي اؤسر واري شرح 1.55 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل سال دوران 4.27 سيڪڙو هئي. صنعتي ترقيءَ جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 2.94 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مال?? سال دوران 6.83 سيڪڙو هئي. مينيوفيڪچرنگ جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 3.91 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مال?? سال دوران 10.86 سيڪڙو هئي. اڏاوتن جي شعبي جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 5.53 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مال?? سال دوران 1.90 سيڪڙو هئي. بجلي، گيس، پاڻي جي فراهمي سميت انڊسٽريءَ جي ذيلي شعبن ۾ اؤسر واري شرح 6 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مال?? سال دوران 3.14 سيڪڙو هئي. خدمتن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 0.86 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مال?? سال دوران 6.19 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي. هول سيل اينڊ ريٽيل ٽريڊ جي اؤسر واري شرح 4.46- سيڪڙو رهي، جيڪو گذريل مال?? سال دوران ان شعبي جي اؤسر واري شرح 10.3 سيڪڙو هئي. ان شعبي جو دارومدار گهڻو ڪري زراعت ۽ صنعتي شعبي جي ڪارڪردگي تي ٿئي. ٽرانسپورٽ اينڊ اسٽوريج جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 4.73 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مال?? سال دوران 4.09 سيڪڙو هئي. رهائش ۽ خوراڪ جي شعبي بابت خدمتن ۾ ترقيءَ جي شرح 4.11 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مال?? سال دوران 4.08 سيڪڙو هئي. آءِ ٽي اينڊ ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 6.93 سيڪڙو هئي جيڪو گذريل مال?? سال جي عرصي دوران 16.32 سيڪڙو هئي. ان شعبي جي ب??تر??ن ڪارڪردگي سبب پي ٽي اي جي محصولن ۾ واڌ ٿي آهي. ان سال معيشت جي ڳاڻيٽي ۾ 27.1 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ هي 84658 ارب رپيا جيڪو گذريل مال?? سال جي عرصي دوران 66624 ارب رپيا هو. في ڪس آمدني 1568 ڊالر رهي. جيڪو گذريل مال?? سال دوران هي 1765 ڊالر هئي. اهڙيءَ طرح 11.2 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي جنهن جو اهم سبب ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي، جي ڊي پي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ آباديءَ ۾ واڌ آهي. مجموعي سيڙپڪاريءَ ۾ 10.2 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال ۾ 29.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هي جي ڊي پي جو 13.6 س??ڪڙو رهيو. مال?? سال 22ع دوران هي جي ڊي پي جو 15.7 سيڪڙو هو. نجي سيڙپڪاريءَ ۾ 6.18 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو گذريل مال?? سال دوران 27.66 سيڪڙو هئي. نجي سيڙپڪاري جي ڊي پي جو تقريبن 8.8 س??ڪڙو آهي جيڪو گذريل مال?? سال 22ع دوران 10.5 سيڪڙو هئي. حڪومتي سيڙپڪاريءَ ۾ 14.10 سيڪڙو اضافو ٿيو. جيڪو گذريل مال?? سال دوران ان ۾ 39.27 سيڪڙو اضافو ٿيو. حڪومتي سيڙپڪاري جي ڊي پي جو تقريبن 3.1 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مال?? سال دوران 3.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. قومي بچت ۾ 44.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذريل سال دوران هي ڪاٽو 3.8 س??ڪڙو رڪارڊ ٿي هئي. قومي بچت جي ڊي پي جو 12.6 س??ڪڙو آهي، جيڪو گذريل مال?? سال دوران 11.1 سيڪڙو هئي.