ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ مل??قات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها مل??قات افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ٿي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مل??قات ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن ۾ پاڪستان ۽ ا??ران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وزيرن چيو ته پاڪستان ۽ ا??ران جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ ا??تصادي تعاون ۾ وسيع گنجائش موجود آهي. هن مختلف اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن پولان – گبد/ گوادر بجلي ٽرانسميشن لائين کي مڪمل ڪرڻ تي اط??ينان جو اظهار ڪيو جيڪا ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائقي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪندي. مملڪتي وزير حنا رباني کر سرحدي علائقي جي ماڻهن جي سماجي ۽ ا??تصادي ترقي ۾ اضافي جي لاءِ سرحدي بازارن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. مل??قات ۾ ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ مملڪتي وزير حنا رباني کر افغانستان سميت علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.