اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان غيرملڪي پبلڪ دستاويزن جي قانوني حيثيت جي جاچ لاءِ ڊگهي تصديقي عمل جي شرط کي ختم ڪرڻ بابت ”اپوسٽيل ڪ??وي??شن“ جي توثيق ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان حڪومت غيرملڪي سرڪاري دستاويزن جي لاءِ قانوني حيثيت جي شرط کي ختم ڪرڻ (1961ع جي اپوسٽيل ڪ??وي??شن) بابت هيگ ڪ??وي??شن تسليم ڪيو آهي. اهو ڪ??وي??شن پبلڪ دستاويزن جي تصديق جي عمل کي انتهائي مختصر ڪري ڇڏي ٿو جنهن موجب دستاويز جاري ٿيندڙ ملڪ جي نامزد اٿارٽي پاران هڪ تصديقي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي ٿو جنهن کي ”اپوسٽيل“ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح اپوسٽيل پاران تصديق ٿيل غيرملڪي پبلڪ دستاويزن کي وڌيڪ ڪنهن تصديقي عمل مان گذرڻ جي شرط کانسواءِ سڌوسنئون لاڳاپيل عملدارن کي پيش ڪري سگهجي ٿو. ڪ??وي??شن ۾ شامل رياست جي ذميوارين موجب پاڪستان جا لاڳاپيل عملدار هاڻي ڪ??وي??شن جي ميمبرن/ معاهدو ڪندڙ رياستن پاران جاري ڪيل فارن اپوسٽيل سرٽيفڪيٽس کي لاڳو ٿيڻ جي تاريخ يعني 9 مارچ 2023ع کان پرڏيهي وزارت يا ٻاهرئين ملڪ پاڪستا??ي مشنز کان تصديق جي شرط کانسواءِ قبول ڪندا. ترجمان موجب ضروري قانونسازي ۽ ٻين گهرجن کي مڪمل ڪرڻ ??انپوءِ پاڪستان پاران ”اپوسٽيل سرٽيفڪيٽس“ جاري ڪرڻ جو عم?? به ڪجهه مهينن ۾ شروع ٿي ويندو. پرڏيهي وزارت ڪئمپس آفيسز ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستا??ي مشنز تي معمول جي تصديق جون خدمتون معمول موجب جاري رهنديون.