دوحه-05 مارچ (اي پي پي)وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع معاملن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ اڳ کان موجود رابطن ۽ بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري واپاري ۽ پا??ستان ??ان هنرمند ماڻهن کي قطر گهرائڻ جي طريقن ۽ ذريعا وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ ??ان جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف دوحه پهچڻ کانپوءِ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي. وز??راعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي انتظام ه??ٺ گهٽ ترقي ڪندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قطر پهتو آهي. قطر جي امير جي دعوت تي وز??راعظم ه?? ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع تر معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پا??ستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ پهرين کان موجود بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، قطر جي امير جي ترقي ۾ پا??ستاني پورهيتن جي ڪوششن کي ساراهيو خاص طور تي قطر جي ميزباني ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ڪاميابي موقعي تي پا??ستاني سيڪيورٽي عملدارن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. ملاقات ۾ وز??راعظم شهباز شريف پا??ستان جي ترقي جي منصوبن ۾ قطر جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري، واپاري ۽ پا??ستان کان هنرمند ماڻهن جي قطر موڪلڻ جي طريقن ۽ ذريعن کي وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون، قطر جي امير وز??راعظم محمد شهباز شريف کي قطر اچڻ تي ڀليڪار چيو، هن پا??ستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي تعاون وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پا??ستان جي ترقي جي ايجنڊا ۾ قطر طرفان ڀرپور تعاون جي پختي عزم ۽ حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وز??راعظم قطر جي امير کي پا??ستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.