اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ سعودي عر?? جي ??فير نواف المالڪي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ سعودي ڊويلپمنٽ فنڊ جي ??ريعي هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاهدن تي صحيحُون ٿينديُون. اها ڳالهه هن سعودي ٽي وي چينل ”الاخباريه“ سان ڳالهائيندي ڪئي. نواف سعيد المالڪي چيو ته پاڪستان 1947ع ۾ جڏهن وجود ۾ آيو ته سعودي عر?? انهن پهرين ملڪن ۾ شامل هو جنهن پاڪستان کي تسليم ڪيو ۽ مدد فراهم ڪئي. هن چيو ته سعودي عر?? جي ??اني کان وٺي خادم ال??رم??ن الشريفين سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان تائين سعودي حڪومت هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ اقتصادي ۽ مالي مدد ڪئي. هن چيو ته سعودي عر?? ۽ پاڪستان جا لاڳاپا مثالي ۽ گهرا آهن ۽ سڀني شعبن ۾ وڌندڙ لاڳاپا آهن، تازو ئي سعودي عر?? پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو جائزو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ سعودي ڊيپازٽ کي به وڌائڻ جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سعودي ڊويلپمنٽ فنڊ جي ??ريعي پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ تيل جي ??عبي ۾ هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاهدن تي صحيحُون ٿينديون. هن چيو ته اهي قدم سعودي عر?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري جي ??ڪاسي ڪندا آهن. ان کان اڳ سعودي پريس ايجنسي جي ??پورٽ موجب سعودي عر?? جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۾ سعودي عر?? جي ??يڙپڪاري 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. شهزاده محمد بن سلمان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ سعودي عر?? پاران ڊيپازٽ طور رکيل رقم کي به 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز گذريل سال 25 آگسٽ تي پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر جي ??يڙپڪاري جو حڪ?? ڏنو هو. شهزاده محمد بن سلمان انهي سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ جائزي جي هدايت ڪئي آهي. گذريل سال 2 ڊسمبر تي سعودي عر?? پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ ۾ رکيل 3 ارب ڊالر جي مدي ۾ وڌيڪ هڪ سال تائين اضافو ڪري ڇڏيو هو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان نومبر 2021ع ۾ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ سان هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون جنهن تحت سعودي عر?? 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ رکيا هئا. سعودي خابرو اداري موجب سيڙپڪاري ۾ اضافي بابت جائزي جو اهو اعلان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ رابطن جي ڏس ۾ ڪيو ويو آهي.