اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي وراثت کان محروم رکندڙ غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ سمورن حصيدارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ڪير اسلامي قانون وراثت جي خلاف ورزي نه ڪري جهڙي نموني قرآن ۽ سنت ۽ اسان جي آئين ۾ لکيل آهي. هن چيو ته ان غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ عورتون وراثت کان محروم رهن، عالم سڳورن، عدليه ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مون سان گڏجي هي جنگ وڙهن. صدر عارف علوي عورتن کي وراثت ۾ ح??و ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ فيصلي جا تفصيل به شيئر ڪيا جنهن موجب صدر هراسمينٽ جي خاتمي ??ابت وفاقي محتسب پاران 4 ڀينرن کي وراثتي جا??يد??د ۾ ح??و ڏيڻ جي حڪمن کي برقرار رکندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وراثتي جا??يد??د جي وڪري سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀينرن ڀائرن ۾ حصي موجب ورڇ ڪئي ??ڃي. واضح رهي ته چار ڀينرن هراسمينٽ جي خاتمي ??ابت وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي ??ئي ته سندن ڀائرن فوتي والد جي جا??يد??د ۾ انهن جي وراثتي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ درخواست ڪئي ??ئي ته انهن جو حصو انهن کي ڏياريو وڃي.