اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ مقرر افغانستا?? جي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري چمن اسپن بولدڪ جي علائقي ۾ افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز پاران اشتعال انگيز گولاباري جي تازن واقعن تي پاڪستان پاران سخت احتجا?? رڪارڊ ڪرايو ويو جنه?? جي نتيجي ۾ جاني نقصان ۽ ماڻه?? جي زخمي ٿيڻ کانسواءِ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته شهرين جو تحفظ ٻنهي ڌري?? جي ذميواري آهي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ قائم اداراجاتي مڪينزم ??ي استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب پاڪستان افغانستان ڀائراڻا لاڳاپا بر??را?? رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪ افغان سرحد تي امن ان مقصد جي لاءِ بنياد آهي.