اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب جي ماسيءَ سينيئر پارليامينٽرين بيگم نجمه حميد جي ايصال ثواب لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ تعزيتي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ بيگم نجمه حميد مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ اجتماعي فاتحه خواني ڪئي وئي. تعزيتي اجلاس ۾ اطلاعات واري ??يڪ??يٽري شاهيره شاهد، ايڊيشنل ??يڪ??يٽري سهيل علي خان، اي پي پي جي ايم ڊي اختر منير، پيمرا جي چيئرمين سليم بيگ، ڊي جي انفارميشن سروس ??ڪي??مي مبشر توقير، پريس رجسٽرار ط??رق خان، ريڊيو جي ڊي جي طاهر حسن، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت وزارت جي اعليٰ عملدارن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مرحومه نجمه حميد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي وئي.