اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن هڪ ڪانفرنس ۾ ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اتحادي حڪومت ۽ منهنجي پارٽي آ??ين موجب هر شهري جي اظهار جي آ??ادي جي حق کي يقيني بڻائڻ جي پختي عزم تي قائم آهي، اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت شهرين کي پاڻ اهڙا فورمز مهيا ڪري ٿي جتي اهي عوامي اهميت جي معاملن تي پنهنجي اختلافي موقف، راءِ ۽ راءِ جي آ??ادي جو پوري طرح سان اظهار ڪن، اهڙن فورمز جو سياسي مفادن جي لاءِ رياستي ادارن خاص طور تي هٿ??اربند فوج کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته هٿ??اربند فوج جا آفيسر ۽ جوان اندرون?? ۽ ??اهرئين خطرن کان ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا ??هن. هن اظهار راءِ جي آ??ادي جي بنيادي حقن کي برقرار رکڻ جي قوم کي خاطري ڪرائيندي آچر ڏينهن رياستي ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته مون کي افسوس آهي ته ڪجهه شرڪت ڪندڙن پاران ائين ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.