سرينگر- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض انتظاميه آزادي جي تحريڪ ??ي عظيم قائد سيد عل?? گيلاني جي پهرين ورسي تي اڄ ماڻهن کي سرينگر جي علائقي حيدر پوره ۾ سندس قبر تي فا??حه خواني کان روڪڻ لاءِ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، ڪشمير ميڊيا سروس موجب وادي ڪشمير ۾ ڪيترن ئي جاين تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن جتي ماڻهن جي تلاشي ورتي پئي وڃي، حيدر پوره ۾ به وڏي تعداد ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻهن کي شهيد اڳواڻ جي قبر تي فا??حه خواني ڪرڻ کان روڪي سگهجي. ڪنهن کي به علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اج??زت نه پئي ڏني وڃي. والاريل علائقي ۾ سيد عل?? گيلاني جي ورسي جي تي اڄ جي هڙتال جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي، سيد عل?? گيلاني جي روح جي ايصال ثواب لاءِ وادي ڪشمير ۽ ڄمون خطي جي مختلف حصن ۾ دعائن جون ويهڪون ٿيون.