ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انع??م ميمڻ چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي ڪڌي حربن سان دٻائي نه ٿو سگهجي، نه ئي ڏاڍ ۽ سختين سان ڪشميري ڀائرن جو رستو روڪي سگهجي ٿو. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي فوري بحال ڪري، ??ود?? سرڪار پاران والاريل واديءَ ڪشمير ۾ ??نس??ني حقن جي پائمالي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ??ود?? سرڪار جي قدمن ۽ پاليسين سان خطي ۾ امن کي سخت خطرا آهن، ??نس??ني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن. هن چيو ته سنڌ جي عوام ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ خصوصي پروگرام، ريليون منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪري سگهجي ۽ نئين نسل کي ان بابت آگاهي ڏئي سگ??جي.