حيدرآباد – 05 – آگسٽ (اي پ?? پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران ڀارت پاران مظلوم ڪشميرين تي جاري استحصال ?? گهيراءُ جي خلاف سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ چيو ته ڪشمير جي اصل رهواس??ن جي حقن جي خلاف ڪيل قانونسازي انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، ڀارت مظلوم ڪشمير??ن جو استحصال ?? گهيراءُ ختم ڪري. شاگردن جي معاملن واري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر تنوير حسين ڦلپوٽو چيو ته ڪشميري ويجهي ماضي جي تاريخ جا سڀ کان و??ا مظلوم آهن، ڀارت ڪشمير??ن جي حقيقي آزادي کسي انهن جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، ڪاري قانون تحت ڪشمير جي اصل رهواسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿي ٿي سگهي، ڀارت جي ان عمل کي رد ڪريون ٿا. ان موقعي تي سيمينار کي اسٽو??نٽ?? افيئرز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شعيب شيخ، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي شاگرد وقاص ماڪا، بي ايس انگلش جي شاگردياڻي پرهه ۽ ميڪا ٽرانڪس انجنيئرنگ جي حماد راجپوت ڪشمير جي موضوع تي تقريرون ڪندي چيو ته پاڪستان جو هر ٻار ڪشمير جي آزادي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي جلد ان تان ڀارت جو باضابطا قبضو ختم ڪرايو ويندو.