ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته برآمد ڪندڙن جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري انفراسٽرڪچر ۽ موثر ون ونڊو آپريشن جهڙيون سهولتون فراهم ڪ??ي سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاروباري برادري جي هڪ گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ??لڪ کي درپيش مالياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها برآمدي شعبن جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي ترقي تي ڌيان ڏين. هن ان مقصد جي لاءِ ??لڪ جي سمورن حصن ۾ ايڪسپورٽ انڊسٽريل زونز تيار ڪرڻ جو واعدو ڪيو جنهن ۾ برآمد ڪندڙن کي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري انفراسٽرڪچر ۽ ون ونڊو آپريشن جهڙيون سهولتون فراهم ڪ??ي سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي. هن گرين ۽ قابل تجديد توانائي جي پيداوار جي لاءِ شمسي ۽ هوا جي شعبن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇوته پاڪستان تيل جي درآمد تي ??ال??انو 20 ارب ڊالر خرچ کي برداشت نه ٿو ڪ??ي سگهي. هن ان ??ال??ه تي روشني وڌي ته حڪومت پاران لگزري ۽ غيرضروري شين جي درآمد تي پابندي جي فيصلي سان ??ال??انو 4 ملين ڊالر جي بچت ٿيندي جيڪا پام آئل جي ??ال??اني درآمد جي لاءِ ڪافي آهي. وزيراعظم خواهش ظاهر ڪئي ته واپاري براد??ي سميت پوري قوم اسان جي خراب سماجي اقتصادي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ڇو ته اڳتي وڌڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي.