اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يوڪري?? جي صدر ولادي مير زيلينسڪي ٽيليفون ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن يوڪري?? جي تازي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم عمران خان يوڪرين ۾ جاري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظ??ار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين ?? سفارتڪاري ذريعي حل جي لا??ِ پاڪستا?? جي اصولي موقف کي ورجايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان يوڪرين ۾ جاري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظ??ار ڪيو ۽ فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين ?? سفارتڪاري جي ذريعي تڪرار جي حل لا??ِ پاڪستا?? جي اصولي موقف کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته هو اسرندر ملڪن تي تڪرار جي منفي معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪري رهيا آه?? جيڪو تيل ۽ شي?? جي وڌندڙ قيمتن مان ظاهر ٿئي ٿو. وزيراعظم عمران خان عام شهري?? جي لا??ِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان يوڪرين ۾ ماڻه?? جي لا??ِ انساني همدردي جي بنياد تي ساما?? جي فراهمي لا??ِ 2 سي – 130 جهاز روانا ڪيا. اسلامي تعاون تنظيم جي پر??يه?? وزيرن واري ڪائونسل جي تازي اجلاس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻڌايو ته اسلامي ملڪ?? جي پر??يه?? وزيرن يوڪري?? جي تڪرار جي ڪري سيڪيورٽي ۽ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظ??ار ڪيو ۽ پر??يه?? وزيرن فوري طور تي جنگ بندي جي خاتمي تي زور ڏنو ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن پاران ڳالهين واري عمل جي حمايت ۽ سهولت فراهم ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جهڙا غيرجانبدار ملڪ جنگبندي ۽ تڪرار جي سفارتي حل جي لا??ِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عمران خان يوڪري?? جي عملدارن پاران پاڪستاني شاگردن ۽ شهرين سان گڏوگڏ سفارتي عملي جي انخلا ۾ مدد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻين ملڪن پاران سفارتي حل جي سهولت جي لا??ِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.