اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته لُٽ مار ڪندڙن جو ٽولو چونڊيل وزيراعظم عمر??ن خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ متحد ٿي ويو آهي ته جيئن ماضي ۾ اقتدار جي دوران لُٽيل قومي دولت کي بچائي سگهجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن جي پارليامينٽ ۾ موجودگي وزيراعظم عمر??ن خان جي ٿورن سان آهي، ڇو ته هنن پي ٽي آءِ جي ٽ??يٽ تي اليڪشن کٽيو هو، هن چيو ته تقريبن 170 ملين ماڻهن وزيراعظم کي ووٽ ڏنو هو ۽ سمورن ا??يدوارن کي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ٽ??يٽ جي ڪري ووٽ مليا آهن، پي ٽي آءِ جا جيڪي ميمبرن وزيراعظم عمر??ن خان جي نالي تي ڪامياب ٿيا آهن ا??ي پهرين پنهنجي سيٽن تان مستعفي ٿين ۽ نئين سري سان ا??يڪشن وڙهن. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي ٽ??يٽ تي چونڊيل ماڻهو جي لاءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو ڪنهن ٻي پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڏي. مملڪتي وزير چيو ته هن پنهنجي تڪ جي ماڻهن کان 125000 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا پر ووٽ وزيراعظم عمر??ن خان کي ڏنا ويا، هن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي آرٽيڪل 63 اي تي صدارتي ريف??نس جي تشريح ڪري ان معاملي کي حل ڪرڻ گهرجي، جمهوريت جي تسلسل ۽ مضبوطي جي لاءِ ضروري آهي ته سپريم ڪورٽ هارس ٽريڊنگ جو رواج ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي تشريح ڪري، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مخالف ڌر ڇانگامانگا طرز جي سياست کي ٻيهر متعارف ڪرايو آهي ۽ سنڌ هائوس چونڊيل ميمبرن جي وفادارين جو نيلام گهر بڻجي چڪو آهي، مخالف ڌر پ??را?? سينيٽ اليڪشن دوران به هارس ٽريڊنگ ڪئي وئي، هن چيو ته اهو وزيراعظم عمر??ن خان هو جنهن پنهنجي پارٽي جي ايم پي ايز ي ڪي پي ڪي مان ڪڍيو، جنهن پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پنهنجا ووٽ وڪرو ڪيا، ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته وزيراعظم عمر??ن خان مقبول ترين اڳواڻ آهي جنهن کي عوام جي حمايت حاصل آهي، هن چيو ته عمر??ن خان کي پنهنجي جلسن م ماڻهن کي آڻڻ لاءِ پٽوارين جي تعاون جي ضرورت نه هئي، هن چيو ته 27 مارچ تي ”عوامي ريلي پلس“ هوندي ۽ ان ۾ رڪارڊ تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت هوندي.