اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ڪراچي ڌماڪي ۾ عالمگير خان جي والد سميت قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته عالمگير خان جي والد سان ڪيترائي ڀ??را ملاقات ٿي، انتهائي عاجز ۽ شفيق انسان هو. مملڪتي وزير چيو ته منهنجي دعا آهي ت?? الله تعاليٰ سمورن فوت ٿيندڙن جا درجا بلن?? فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.