مڪه المڪرمه – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽن ڏينهن جي ??وري دوران پهرين ??ينهن ڇنڇر جي ??ات وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ??من ۽ خوشحالي کانسواءِ مسلمان امت جي لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان مدينه منوره پهتو جتي مدينه منوره ۾ مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده فيصل بن الخالد السعود وزيراعظم جو استقبال ڪيو. مدينه منوره اچڻ جي فوري پوءِ وزيراعظم عمران خان مسجد نبوي ﷺ ۾ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڀري ۽ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪ جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم عمران خان جڏهن جده پهتو ته مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده بدر بن سلطان السعود سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان سعود?? عرب جي ٽن ڏينهن جي ??وري تي رياض ۾ ٿيندڙ مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو اين جي ??ئي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو آهي. وزيراعظم عمران خان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي ??عوت تي سعود?? عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان سعود?? عرب ۾ گرين انيشي ايٽيو اين جي ??ئي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ سيڙپڪاري فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ سعودي قيادت سان ملاقات پڻ ڪندو. توقع آهي ته وزيراعظم سعود?? عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ م??حو??يات وارو خاص معاون امين اسلم شامل آهن.