اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقو سستو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو ان جي سگ??ه رکن ٿا، ورچوئل يونيورسٽي جي پهچ کي وڌائڻ جي صرورت آهي ته جيئن ملڪ جي ڏورانهن لائقن جا شاگرد آن لائن تعليم مان فائدو کڻي سگ??ن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان بابت بريفنگ دوران ڪيو. ورچوئل يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊا??ٽر ارشد سليم ڀٽي اجلاس کي آن لائن تعليم ۽ فاصلاتي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته في الحال 100000 شاگرد مختلف شعبن ۾ داخل اهن ۽ 80000 ک??ن وڌيڪ شاگرد يونيورسٽي مان فارغ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي ڊيجيٽل مهارت فراهم ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ پنهنجي چار ٽي وي چينلز تي ليڪچرز ۽ تعليمي مواد نشر ڪري رهي آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته اها ڊيجيٽل دور جي ضرورتن موجب يونيورسٽي جي لاءِ هڪ نئون ويزن ۽ مستقبل جا منصوبا جوڙي ۽ پنهنجي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽائم لائينز طئي ڪري. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي پڻ زور ڏنو ته اها ورچوئل ايجوڪيسن جي لاءِ پنهنجي پاليسي کي حتمي شڪل ڏ??ڻ تي ڪم تيز ڪري جنهن سان ملڪ جي ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي فائدو پهچي.