دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستا?? پنهنجي ”ويزن وچ ايشيا?? پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائن لاءِ پرعزم آهي، ترميز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ خطي لاءِ اهم آهي. اها ڳالهه هن تاجڪستا?? جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراه?? جي اجلاس جي موقعي تي قزاخستا?? جي صدر قاسم جمرات توڪائف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽرانسپورٽيشن لنڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستا?? پنهنجي ”ويزن سينٽرل ايشيا?? پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم خاص طور تي رابط?? جي اهميت ۽ سمنڊ تائين مختصر ترين رستو فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستا?? جي اهم پوزيشن تي زور ڏنو. وزيراعظم ترمز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. وزيراعظم سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪي ترقي کي جيوسياست کا?? جيواڪنامڪس ۾ منتقل ڪرڻ جي پنهنجي ويز?? جي به وضاحت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن علائقائي استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ زميني ۽ فضائي رست?? جي ذريعي رابطا وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو، وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي به زور ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو افغان عوام جي مدد، فوري انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ معيشت جي استحڪام جي غرض سان قدم کڻڻ جي لاءِ رابطا جاري رکي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي رابطن ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي سياسي مٽاسٽا جو تعداد وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر توڪائف کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو، جڏهن ته صدر توڪائف وزيراعظم عمران خان کي قزاخستا?? جي دوري جي دعوت ڏني.