اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) سي??يٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري ماڻهن جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مسلمان ملڪن، او آءِ سي ۽ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آه??، فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع ۽ مستقبل جي تقريبن جي لاءِ فٽ بال جي مينوفيڪچرنگ لاء?? قطر ۾ فارورڊ يونٽ جو قيام پاڪستان لاءِ باعث فخر آهي، پاڪستان ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شيخ علي عبدالله علي ثاني الثاني جي سربراهي ۾ 11 رڪني قطري وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو.