اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب قانونساز اسيمبلي ميمبرن علي شان سوني، علي رضا بخاري، صغير چغتائي، اڳوڻي اسپيڪر انوارا??حق ۽ اڳوڻي وزير شهزاد چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪندي وزيراعظم عمران خان جي قيادت، ويزن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسين تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو، قانونساز اسيمبلي ميمبرن چيو ته ٺ??س حڪمت عملي سان وزيراعظم عمران خان ملڪ کي مالي بحرانن مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي ۽ جنهن موثر انداز ۾ هن عالمي فورمن تي نه رڳو ڪشمير پر اسلام جو ڪيس وڙهيو آهي اهو انتهائي ساراهه جوڳو آهي.