اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اعليٰ تعليم جو فروغ ملڪ جي ترقي جي و??يلو آهي، صوبن جي مشاورت سان تعليم جي بجيٽ ۾ اضافي ج?? پڪو ارادو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي و??ير شفقت محمود ۽ وزيراعظم ٽاسڪ ف??رس براءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي چيئرمين پروفيس?? ڊاڪٽر عطاءُ ال??حمان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي وقتي چيئرمين انجنيئر فاروق بزائي، ايڇ اي سي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽ?? ڊاڪٽر شائسته سهيل، نياٽيل جي چيئرمين راشد خان، ٽيلي تعليم جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر اسد ڪريم ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ ف??رس جي چيئرمين پروفيس?? ڊاڪٽر عطاءُ ال??حمان اجلاس کي اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ ايڇ اي سي کي گهربل وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.